راءِ بهادر اوڌوداس تاراچند اسپتال

راءِ بهادر اوڌوداس تاراچند اسپتال

راءِ بهادر اوڌوداس تاراچند اسپتال

راءِ بهادر اوڌوداس تاراچند اسپتال (شڪارپور): شڪارپور ۾ قائم هن اسپتال کي اهم ۽ تاريخي حيثيت حاصل آهي. هي اسپتال اوڌوداس تاراچند ٺهرائي. شڪارپور ريلوي اسٽيشن روڊ تي قائم هن اسپتال جي پيڙهه جو پٿر 30 اپريل 1933ع تي سکر جي سڄاڻ ڪليڪٽر مسٽر ايڇ. ٽي. سورلي رکيو ۽ 2 فبروري 1935ع تي اسپتال ٺهي راس ٿيڻ کان پوءِ بمبئي پرڳڻي جي گورنر وي. آر. ٽي هانر لارڊ بريبورن پنهنجي هٿن سان ان جو افتتاح ڪيو. اوڌو داس تاراچند، مندر روپي اسپتال لاءِ بمبئيءَ مان ٻاويهه هزار اٺ سؤ ڇاهٺ روپيا چندو گڏ ڪيو، اسپتال جي تعمير لاءِ کيس وڏا ڪشالا ڪڍڻا پيا، ڇو ته هڪ طرف ملڪي حالتون ٺيڪ نه هيون، ٻيو ته ورهاڱي وارين سياسي تحريڪن جي ڪري اوڌو داس پريشان رهڻ لڳو هو، جو پاڻ بمبئيءَ ۾ چندي گڏ ڪرڻ واري مهم دوران اچانڪ طبيعت جي خرابي سبب ’سرهري ڪشنداس اسپتال بمبئيءَ‘ ۾ بستري تي داخل ٿيو. سندس ڪوششن سان قائم ٿيل هن اسپتال جي چانئٺ جي هر ڏاڪي تي سندس نالو لکيل آهي. ان لاءِ سرڳواسيءَ جو چوڻ هو ته مريض جڏهن منهنجي نالي کي لتاڙي اسپتال ۾ داخل ٿيندا ته منهنجي روح کي آرام ايندو. هن اسپتال جي شاندار ڪارنامي سرانجام ڏيڻ تي اوڌو داس تاراچند کي انگريز سرڪار پاران 1935ع ۾ ’راءِ بهادر‘ جو اعليٰ خطاب ڏنو ويو. 17 جنوري 1943ع تي اوڌو داس جي وفات بعد هن اسپتال جو انتظام سندس پٽ جي حوالي ٿيو. پهرين جولاءِ 1947ع تي هيءَ اسپتال سرڪار جي تحويل ۾ آئي ۽ اڄ به اسپتال پنهنجو اوج برقرار رکيو پئي اچي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو